ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) عالمي اقتصادي فو??م جو 53 هون ساليانو اجلاس سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتصادي فو??م جي مختلف اجلاسن ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو مو??ف پيش ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فو??م جي صدر جي دعوت تي پرڏيهي وزير فو??م جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي. اجلاس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن سميت شر??ت ڪندڙ اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندا.