اسلام آباد– 22 ??? ن??مبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو عالمي سطح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آهي. اڱ??ري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ا??رندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي موقف عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ??نتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ۽ موسمياتي تبديلين و??ري وفاقي وزير شيري ??حمان جي ڪوششن عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني عالمي اڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو عالمي اتحاد موسمياتي تبديلين جي اثرن جي مقابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.