اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پاڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ ??فغ??نستان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن افعانستان، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ??فغ??نستان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ??لڻ گهرجن، اڄ به 30 لک ??فغ??ن پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ ??فغ??نين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن، ان تاريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ ??فغ??ن ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??فغ??نستان پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي، اها مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ ??فغ??نستان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ??فغ??نستان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا ??فغ??نستان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??فغ??نستان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ان صورتحال ۾ ??فغ??نستان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي ??فغ??ن عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا بر??بر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک ??فغ??ن پناهگيرن کي پاڪستان جو حصو بڻايو آهي، ??فغ??ني هتي ڪا??وب??ر ڪري رهيا آهن، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان ??فغ??نستان ۾ ??فغ??ن عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ??فغ??نستان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن، هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ ??فغ??ني ايندا آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا آهن، ??فغ??ني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ايندا آهن، پاڪستان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چيو ته ??فغ??ن مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي، پاڪستان جي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ ??فغ??نستان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون آهن، هن چيو ته ??فغ??ن ميڊيا تي امن ??فغ??نستان جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو ??فغ??ن جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، ??فغ??نستان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان ۾ به ايندا رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ ??فغ??نستان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.