اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آهي ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ماضي ۾ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ??يو، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ما??هن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين اسڪيم آهي، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري جي ذريعي وڏي رقم جي بچت ڪئي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ملڪ جي 65 کان 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، اڳوڻين حڪومتن زرعي شعبي ۽ سڌارن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي قدم?? جي ڪري ٽن سالن ۾ آبادگارن کي هر فصل ?? منافع آهي، هاڻي 90 سيڪڙو آبادگار بنا وياج قرض حاصل ڪري سگهندا، ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن تي به بنا وياج قرض فراهم ڪيو ??ي?? وڃي، آبادگارن کي انه?? جي فصل جي بهتر معاوضي ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي اسٽوريج جو تصور پيش ڪيو ??يو آهي، بجيٽ ۾ 12 ارب روپيا زرعي ضرورتن لاءِ رکيا ويا آهن، هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ما??هن کي ڇت فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ 300 ارب روپي?? جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ 20 لک روپيا قرض 3 کان 5 سيڪڙو جي شرح تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٽي لک روپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي.