اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان سومر ڏينهن برطانيه جي وزيراعظم بورس ج??نسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراع??م عمران خان 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس ج??نسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراع??م عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراع??م عمران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس ج??نسن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس ج??نسن کي چيو ته هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وزيراع??م عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،