اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آهي، هن چيو ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ??يڊ??ا جو مثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق س??جر??ڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ ??يڊ??ا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي سگهه، جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي ??يڊ??ا جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندو رهندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق س??جر??ڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ ??يڊ??ا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ??يڊ??ا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ??يڊ??ا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر اي جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق س??جر??ڻي ۽ اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ??يڊ??ا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ادائيگي ۾ نماي??ن بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپڪر کي درخواست ڪئي ته ??يڊ??ا پرسنز کي ايوان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ان ڳالهه جو فيصل?? پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.