اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دن??ا ۾ غربت ۽ تنگدستي جي خاتمي لاءِ پنج نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار زرعي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ خوراڪ جي مصنوعات جي لاءِ مناسب ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بڻائڻ، خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مهارتون اختيار ڪرڻ، زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ خوراڪ جي کپت ۽ پيداوا?? جي طريقن تي نظرثاني جي ضرورت آهي، ا??ان کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، دن??ا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ دوران مختلف چئلينجز درپيش آهن، يا ته ا??ان گڏ ختم ٿي وينداسين يا پوءِ گڏجي چئلينجز مان ڪامياب ٿي نڪرنداسين، آبادگارن کي ڪارپوريشنز جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي لاءِ فنڊز ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، سي پيڪ ۾ زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي ڪم کي پڻ شامل ڪيو آهي، پاڪستان جي حڪومت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي پنهنجي ترجيح بڻايو آهي، ڪورونا وبا ۾ احساس پروگرام ذريعي مالي مشڪلاتن جي باوجود غريب خاندانن کي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 10 ارب وڻ لڳائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ جي گورننگ ڪائونسل جي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت انساني بقاءَ جي لاءِ اهميت رکي ٿي، زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ اسرندڙ ملڪن ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ نمايان ڪرد??ر ادا ڪيو آهي، اڄ دن??ا کي زرعي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي ر??يو آهي، دن??ا جي آبادي جلد ئي 8 ارب تائين پهچي ويندي جڏهن ته 60 ڪروڙ ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار ٿي سگهن ٿا، 20 کان وڌيڪ ملڪن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، خوراڪ جي عالمي اداري ڪجهه غريب ترين ملڪن ۽ انتشار جو شڪار علائقن ۾ ڏڪا?? جي خطري کان خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته دن??ا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي شروعاتي ٻن هدفن غربت ۽ تنگدسي جي خاتمي جي حوالي ??ان مختلف چئلينجز درپيش آهن، ان سلسلي ۾ مالي وسيلن ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي، واپاري مسئلا، پيداوار ۽ کپت جا غيرروايتي طريقا، زرعي زمين ۽ ٻيلن ۾ گهٽتائي، پاڻي جو بحران، حياتياتي تنوع جو نقصان ۽ آلوده درياءَ ۽ سمنڊ جهڙا مسئلا آهن. هن چيو ته ا??ان کي مستقبل جي پنهنجي ويزن ۾ انقلاب آڻڻ جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا ۽ موسمياتي بحران جي حوالي ??ان امير هجي يا غريب، ڪمزور هجي يا طاقتور سڀني کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته انهن جو مقدر پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي، ا??ان يا ته گڏ ختم ٿي وينداسين يا پوءِ گڏجي ڪامياب ٿي چئلينجز مان نڪرنداسين. هن چيو ته علائقائي يا عالمي تسلط، غيرملڪي مداخلت ۽ قبضي جي سياسي فائدن ۽ ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي ??ان جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ رڪاوٽن جو تصور پري ناهي ر??يو ۽ شيون جلد ئي اڻ لاڳاپيل نظر اينديون.