ڪابل ?? 19 ??ومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪابل جي صدارتي محل پهچي ويو جتي افغان صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ??يا جنهن کانپوءِ وزيراعظم افغان صدر سان گڏ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. افغان صدر اشرف غني ?? وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. صدارتي محل ۾ وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪابل پهچڻ تي افغان جو پرڏيهي وزير محمد حنيف اتمر ۽ افغان صدر جو پاڪستان لاءِ خصوصي نم??ئندو محمد عمر دائود زئي ۽ سينئر ع??لد??رن وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي.