اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي جنهن جو فائدو خاص طور تي غريب طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ٺوس منصوبو عملدرآمد جي ??دي س??يت پيش ڪيو وڃي. هو وفاق?? ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر ??قا?? مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو ??قا??لي جائزو پيش ڪيو ويو.