اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪور??نا جي 1376 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 30 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 28 متاثر ??ريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دو??ان ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪووڊ – 19 جا 35 هزار 745 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 530، پنجاب ۾ 14 هزار 109، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 219، اسلام آباد ۾ 5 هزار 740 ، بلوچستان ۾ 161 ، گلگت بلتستان ۾ 410، آزاد ڪشمير ۾ 576 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 17 هزار 86 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 870 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 130 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 242 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس سبب متاثر ??اڻهن جو تعداد 3 لک 40 هزار 251 آهي.