اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزير??عظ?? کي خيبرپختونخواهه ۾ جاري مختلف شعبن جي ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبرن سيد قاسم علي شاهه ۽ سردار شاهجهان يوسف شامل هئا. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفد خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران ڀرپور تعاون تي وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا. وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استح??ام تي وزير??عظ?? کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل سمورن قدمن جي لاءِ ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪيو.