ڪراچي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي لاءِ مضبوط بحريه جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ ??اڪ بحريه کي مضبوط بڻائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ پي اين ايس بابر ۽ حنين جي ??اڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪستان نيوي جي ٻيڙي ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي جهاز ??اڪ بحريه جون وڌندڙ آپريشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. صدر چيو ته پي اين ايس بابر ۽ حنين جي سامونڊي ٻيڙي ۾ شموليت ملڪي سامونڊي دفاعي صلاحيتون مضبوط بڻائڻ طرف اهم ڪاميابي آهي، جهاز روايتي ۽ غيرروايتي خطرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ بحريه جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ڪندا. آصف علي زرداري چيو ته جهاز ترڪيه سان اسان جي مضبوط دوستي، رومانيه ۾ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ تي اعتماد جي علامت آهي، جهازن سان ??اڪ بحريه جي ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن ميري ٽائيم سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام، سامونڊي رستن جي حفاظت ۾ ??اڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ??اڪ بحريه واپار جي مسلسل پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. صدر چيو ته ??اڪ بحري?? ملڪ جي سامونڊي حدن جو دفاع ڪري رهي آهي، ??ن پاڪستان جي خودمختياري، امن، خوشحالي ۽ استحڪام برقرار رکن، ملڪ جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي چيو ته دفاع ۽ شهيدن جو ??ها??و اسان جي هٿياربند فوج ۽ شهرين جي حوصلي، اتحاد ۽ عزم جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته هٿياربند فوج ۽ شهرين ٻاهرئين جارحيت جي خلاف قوم جو دفاع ڪيو آهي، ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ??ن پاڪستان، ترڪيه ۽ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ جي ٽيمن جا ٿورا مڃيا. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي ڪمانڊنگ آفيسرز ۽ عملي کي خصوصي مبارڪباد ڏني. تقريب کي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته جهازن جي ??اڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت اهم سنگ ميل آهي. ايڊمرل نويد اشرف چيو ته سامونڊي جهاز پاڪستان، ترڪيه ۽ رومانيه جي وچ ۾ گهري دوستي ۽ تعاون جو مظهر آهن. صدر ان موقعي تي سامونڊي جهازن جي اسڪرولز ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي حوالي ڪئي.