اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي تي ڪچي جي ڌاڙيلن جي حملي جي شديد لفظن ۾ م??مت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ج?? ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پوليس ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. صدر واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.