اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي سطح تي ??يل?? جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پا??ستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وڻڪاري م??م تحت ٻوٽا لڳائيندي ڳالهين دوران ڪيو. صدر مملڪت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي وڻڪاري م??م تحت نم جو ٻوٽو لڳايو، 18 آگسٽ پا??ستان ۾ سانوڻي ۾ وڻ لڳائڻ جي قومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قومي سطح تي ??يل?? جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوام موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ناڪاري اثرن کي ??هٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. هن چيو ته پا??ستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سول سوسائٽي ??يل?? جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪن. صدر مملڪت چيو ته نم ماحول دوست وڻ آهي جنهن جا بيشمار ماحولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. صدر مملڪت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت عظميٰ جي حيثيت سان پهرين حڪومتي دور ۾ موسميات جي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پهرين دور ۾ وڻ لڳائڻ جي م??م جي شروعات ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي م??ڪ ۾ نم جا وڻ لڳايا ويا. صدر مملڪت چيو ته اڄ پا??ستان ۾ وڌندڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي وڻ لڳائڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ڪري نوجوان ۽ سول سوسائٽي سانوڻي جي م??سم ۾ وڻڪاري م??م ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن. صدر مملڪت چيو ته بهتر ماحول لاءِ پنهنجي پا??ن ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. صدر مملڪت چيو ته سانوڻي جي وڻڪاري م??م ??يل?? ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ماحول کي صحتمند ۽ صاف بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ??يل?? ۽ ساوڪ ۾ واڌ اسان جي ماحول کي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. صدر مملڪت چيو ته پا??ستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي م??نگرو وز لڳايا ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳائڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. صدر مملڪت چيو ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي ??هٽ ڪرڻ، ساوڪ ۽ ٻيلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري م??م ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.