اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي ??ي) ??طل??عات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرو ارشد نديم کي پيرس ا??لمپڪس ۾ گولڊ م??ڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته پيرس ا??لمپڪس ۾ گولڊ م??ڊل کٽي ارشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، سندس ڪاميابي هر پاڪستاني نوجوان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن سان نوجوانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي، توهان کي منهنجي پاران لکين مبارڪون هجن.