اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چيني شهرين کي مفت ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿيندو، مخت??ف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، گڏيل منصوبن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي لاڀائتي ثابت ٿيندي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن 12 رڪني اعليٰ سطحي چيني وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وانگ فوڪانگ جي قيادت ۾ وزي??اع??م سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پ??ڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيني وفد سان ڳالهائيندي وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توهان جي آجيان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، يقين آهي ته توها?? جو دورو انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو، چيني قيادت سان ملاقاتن جي نتيجي ۾ اعليٰ سطح جا وفد پاڪستا?? جو دورو ڪري رهيا آهن. وزي??اع??م چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ صنعت، ز??اع?? ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ تعاون وڌندو، ٻنهي ملڪن ۾ کاڻين جي کوٽائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي ۾ به تعاون کي فروغ ملندو. وزي??اع??م چيو ته چيني وفد جي دوري سان سيڙپڪاري کي فروغ ملندو، اسان چين جي ترقي جي ماڊل تي پنهنجي معيشت جو فروغ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون وقت جي گهرج آهي، گڏيل منصوبن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي فائديمند ثابت ٿيندي، مخت??ف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن. وزي??اع??م چيني وفد کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ چيني شهرين کي مفت ويزا فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان فيصلي تي عملدرآمد 14 آگسٽ کان ٿيندو. وزي??اع??م وفد سان بشام واقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن. وزي??اع??م چيو ته چين پاڪستان دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمن?? کان گهري آهي، چين جي تعاون سان پاڪستان پنهنجو سيٽلائيٽ فضا ۾ موڪليو آهي، ٻنهي ملڪن جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي. چيني وفد وزي??اع??م جي چين جي دور?? کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مخت??ف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزي??اع??م چيني قيادت صدر شي جن پنگ ۽ وزي??اع??م لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهر?? جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پ??ڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاي?? جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، ز??اع??، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو.