اسلام آب??د-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته هيپ??ٽا??يٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپ??ٽا??يٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هيپ??ٽا??يٽس جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ چيو ته هيپ??ٽا??يٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ان جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هيپ??ٽا??يٽس سبب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر مملڪت چيو ته هيپ??ٽا??يٽس سان اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خطرا لاحق آهن، پاڪستان ۾ هيپ??ٽا??يٽس جي ??ري??ن جي تعداد ۾ اضافي سان اسان جي صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي هيپ??ٽا??يٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي هيپ??ٽا??يٽس کان پاڪ بڻايون.