راولپنڊي – 09 – جولائي (اي پي پي) اتر وزيرستان ضلعي ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شه??دت ماڻيندڙ ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم محمد شه??از شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، شهيد جي گهرڀاتين، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ ش??ڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ??ون قربانيون پرامن ۽ خوشحال پاڪستان ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي اسان جي عزم جي تصديق ڪن ٿيون. هن چيو ته قوم انهن غيرملڪي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف پرعزم آهي ۽ پاڪستان جي انهن دشمنن کي هول – آف – دي – سسٽم حڪمت عملي تي ٻڌل گهڻ رخي حڪمت عملي جي ذريعي مڪمل شڪست ڏني ويندي انشاءَ الله. شهيد کي سندس اباڻي شه?? ۾ پوري فوجي اعزاز سان دفنايو ويندو.