اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته صدر ابراهيم رئيسي م??لمان امت جي اتحاد جو وڏو حامي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صد?? آصف علي زرداري ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو ته ايراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سميت عالمي سطح تي م??لمانن جي درد کي دل سان محسوس ڪن??و هو، اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي. هن چيو ته گذريل مهيني اسان کي پاڪستان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺو، آغا رئيسي سدائين پاڪستان ۽ ان جي عوام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پر پوري م??لمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته صدر رئيسي کي علائقائي ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپ?? وڌائڻ جي ڪوششن تي ايران پاڪستان ۽ اسلامي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ سندس روح کي سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.