اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي ??نصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ت?? ان فيصلي تي ??ملدرآم?? سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان م??لوم فلسطينين جي بنيادي ??نساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي ??ملدرآم?? سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي ??ه سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي ??ملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي ??ملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن م??لوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان م??لوم فلسطينين جي بنيادي ??نساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.