اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان دوري ?? نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپريشنز بابت ??ڪ جامع بريفنگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي ??ي ۽ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ فائدمند بڻائڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو ??ي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت ??ڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪر?? جو عزم ظاهر ڪيو.