اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي نئين چونڊيل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ قومي اسيمبلي هال جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي عملدارن نگران وف??قي وزير کي قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ڊي جي ميڊيا نگران وف??قي وزير کي ٻڌايو ته نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن جي سهولت لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. انهن اسيمبلي ميمبرن جي رجسٽريشن، انهن جي لاءِ ضروري دستاويزن جي تياري ۽ قومي اسيمبلي جي ضروري قاعدن ۽ ضابطن کان پڻ آگاهه ڪيو. انهن ٻڌايو ته نئين چونڊيل ميمبرن جي لاءِ اسيمبلي هال ۾ سيٽن جو خصوصي انتظام پڻ ڪيو ويو آهي. نگران وف??قي وزير نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي سهولت لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ قائم فيسلي ٽيشن سينٽر جو ??ڻ دورو ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وف??قي وزير کي فيسلي ٽيشن سينٽر جي معاملن ۽ نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.