اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گو??ل پاڪستان جي عام چونڊن جي موقعي تي پنهنجي سرچ پيج تي خاص ڊوڊل لانچ ڪيو آهي. هن ڊ??ڊل ۾ چونڊن جي اهميت کي نمايان ڪندي پاڪستان جو جهنڊو ۽ بيلٽ باڪس جي تصوير ووٽ وج??ندي ڏيکاري آهي. اهو ڊوڊل رڳو پاڪستان جي جاگرافيائي حدن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان جو عنوان ”پاڪستان نيشنل اليڪشنز 2024ع“ آهي. ان ڊ??ڊل کي ڪلڪ ڪرڻ تي پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سموريون خبرون، اميجز ۽ ويڊيوز سامهون اچي وڃن ٿا.