اسلام آباد ?? 15 ??? فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي ل??ءِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي ل??ءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ري?? فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ري?? فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ري?? فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز ??لا??ي رهي آهي، فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي ل??ءِ ڪم ڪري رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ آهي، ري?? فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي ل??ءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آهي، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي ل??ءِ ضروري آهي. صدر ??عليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ري?? فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.