اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪ??ر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ ريڊيو پاڪستان ويو ۽ ساڻس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڊي ج?? ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته والده جو ڪو نعم البدل نه آهي، والده جو لاڏاڻو وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، پنهنجي زندگي مان ماءُ کي ڪڍي ڇڏيو ته زندگي ۾ ڪجهه نٿو رهي. توهان آخري ڏينهن ۾ پنهنجي والده جي ت??ام گهڻي خدمت ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ سعيد احمد شيخ سميت سمورن گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.