ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن ??ال??ي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”??ال??ي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي ??ال??ي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس ??ه ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ ??ال??ي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران ??ال??ي سياسي اڳواڻن، ??ال??ي تنظيمن ۽ ??ال??ي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.