اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺ?? وڃڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي نئين سفير خليل هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سا??س ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيون ذميواريون ملڻ تي خليل هاشمي جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چين جي ل??ءِ مقرر ٿيندڙ نئين سفير خليل هاشمي پاڪ – چين لاڳاپن جي حوالي سان نگران وزيراعظم کان رهنمائي ورتي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته خليل هاشمي چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجو فعال ڪردار ??دا ڪندو.