اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪ??سم?? جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪ??سم?? جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ش??هيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي مبشر توقير شاهه سميت پي ٽي وي جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مسيحي برادري خاص طور تي پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن کي ڪ??سم?? جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته خوشي جي ان لمحي ۾ اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته پي ٽي وي پاران ڪ??سم?? کان اڳ پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن جي ايڊوانس پگهار ۽ ڪ??سم?? الائونس جي ادائيگي خوش آئنده آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ش??هيره شاهد ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه پي ٽي وي جي مسيحي ملازمن کي ڪ??سم?? جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪ??سم?? جي تقريب منعقد ڪرڻ پي ٽي وي جي سدائين کان روايت رهي آهي. پي ٽي وي جي مسيحي برادري جي ملازمن اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جا تقريب ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا.