تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهچي ويو. تاشقند جي عالمي هوائي اڏي تي ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله نمعتويچ عارفوف نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آهن. نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او اج??اس ۾ شرڪت ڪندو. هو سربراهي اج??اس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. نگران وزيراعظم ازبڪ قيادت سميت اج??اس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم اي سي او ويزن 2025ع تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.