بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات جي لاءِ اچڻ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پا??ست??ن ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ روس ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آه??. هن چيو ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آه??ان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آه??. هن چيو ته پا??ست??ن کي توانائي جي کوٽ درپيش آه??، 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي جي وڏي مارڪيٽ آه??، توانائي جي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري آه??، خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته عالمي سطح تي غذائي تحفظ جي لاءِ روس قدم کڻي رهيو آه??، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آه??. هن چيو ته پا??ست??ن سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون.