اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ل??ءِ اهم قدم کڻندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ ۾ ت??سيع ڪري ان ??ي 10 سيپٽمبر 2023ع تي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 27 آگسٽ تي منعقد ٿيڻي هئي. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ ت??سيع جو فيصلو ڪيو. ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ ت??سيع سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي امتحان جي ل??ءِ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو.