اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد ما??يٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين سينٽرل ما??يٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد ما??يٽرنگ سافٽ ويئر (ACTUS DIGITAL (Logger Content Digital) تي ٻڌل نئين ۽ پهرين سينٽرل ما??يٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح ڪندي خوشي ٿي. اطلاعات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (DEMP) ۾ موجود اها سي ايم ايس مشين لرننگ، زبان جي سڃاڻپ ۽ ڊيٽا ريسرچ جي صلاحيت رکندڙ آهي. اهو ميڊيا جي فو??ي ۽ درست نگراني ۽ ??عل??مات گڏ ڪري سگهي ٿو جيڪو تيزترين ۽ باخبر ح??وم??ي فيصلاسازي جي لاءِ مددگار هوندو. سينٽرل ما??يٽرنگ سسٽم انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي شاگردن جي لاءِ پڻ دستياب هوندو. ان نظام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي.