اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا ??ي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فر??غ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي. وزي??اع??م چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان معدنيات جي د??لت سان مالامال آهي، پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزي??اع??م چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل ز??اع??، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپڪارين کي ون ونڊو سه??لت فراهم ڪندي. وزي??اع??م وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن ??ي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي فر??غ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ميمبرن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا. وفد وزي??اع??م کي پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي لاءِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.