اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يا??ته اڳوڻي ملازم جي پينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس رکڻ تي سزا ٻڌائي وئي هئي. صد?? اي جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مير محمد قمبراڻي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ بند ڪري سگهجي ٿو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب مير محمد قمبراڻي (شڪايت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪايت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت سخت پورهئي سان عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. بعد ۾ اي جي پي آر فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ ??ان ڏوهاري جي پينشن روڪي ڇڏي. شڪايت ڪندڙ پنهنجي پينشن جي بحالي جي لاءِ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ڏوهاري فيصلي جي خلاف وفاقي محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي جنهن کي اتان به رد ڪيو ويو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ صد?? کي محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صد?? پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسپيشل جج ڪوئيٽا جي فيصلي موجب ڏوهاري جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس برآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ان ??ان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقبل جو سٺو طرزعمل پينشن گرانٽ جي لازمي شرط آهي، جيڪڏهن پينشنر ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته حڪوم?? پينشن يا ان جي هڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صد?? چيو ته ضابطي تح?? پينشن جو پورو يا ڪو حصو روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صد?? جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي لاءِ سرڪاري ملازم جي سڄي زندگي جو سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صد?? چيو ته سول سروس ضابطي 351 تحت مير محمد قمبراڻي جي سزا جي تاريخ ??ان پينشن روڪي وڃي ٿي.