اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ملڪي تاريخ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي هڪ سال گذري چڪو آهي جنهن سان ٽيون حصو پاڪستان پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ ٻوڏ سان لکين ايڪڙ تي ٻڌل بيٺل فصل سميت بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم چي?? ته پاڪستان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهين بابت عالمي برا??ري کي خبردار ڪيو، اسان عالمي سطح تي موثر حڪمت عملي جو مطالبو ڪيو ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن سان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان يڪجهتي جي اظهار جو عزم پڻ ڪيو. وزيراعظم چي?? ته 4 آر ايف فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته وفاقي ڪابينا تازو ئي تاريخي نيشنل ايڪشن پلان 2023ع جي منظوري ڏني آهي جنهن سان بنيادي ڍانچي ۽ آبادي کي موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پاليسين کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته اسان پنهنجي حصيدارن ۽ دوستن سان گڏجي ماحولياتي تبديلي کان تحفظ جي سفر ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائينداسين.