اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي عظيم ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ليپ ٽاپ ۽ قر?? اسڪيم سان هوشيار غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا، يوٿ پروگرام جي ذريعي هيستائين 30 ارب رپ??ا ورهايا ويا آهن، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ 5 ارب رپ??ا رکيا آهن، ٻيهر چونڊجي آيس ته نوجوانن جي لاءِ رکيل رقم وڌيڪ وڌائيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ تيز رفتاري سان ڦهلايو پيو وڃي، مون پشاور، ڪراچي، لاهور، گوادر جا دورا ڪي?? آهن، سڄي ملڪ ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن، يوٿ پروگرام سان ڪاروبار، زراعت ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ قر??ن جي مد ۾ هيستائين 30 ارب رپ??ا بئنڪن ذريعي ورهايا ويا آهن. يوٿ اسپورٽس پروگرام جي لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپ??ا رکيا ويا آهن. آءِ ٽي پروگرام فري لانسز، فني تربيت ۽ ٻين شعبن جي لاءِ مجموعي طور تي بجيٽ ۾ 80 ارب رپ??ا رکيا ويا آهن. نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قر??ن جي مد ۾ 5 ارب رپ??ن جي رقم رکي آهي. وظيفن جي لاءِ به 5 ارب رپ??ا رکيا ويا آهن. هن چيو ته 2008ع ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ اسان قائم ڪيو هو ۽ 10 سالن ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 22 ارب رپ??ن جا وظيفا ورهايا، جنهن سان 4 لک کان وڌيڪ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين فائدو کنيو. هاڻي وفاق جي سطح تي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ 5 ارب رپ??ا رکيا آهن ۽ اها رقم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته منهنجو وس هلي ته 5 ارب رپ??ن جي اها رقم وڌائي 500 ارب رپ??ا ڪري ڇڏيان، نوجوان ان پورٽل ذريعي پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، ليپ ٽاپ اسڪيم سرڪاري تعليمي ادارن جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ آهي، پرائيويٽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي وڏي فيس ادا ڪري سگهن ٿا ته ليپ ٽاپ به خريد ڪري سگهن ٿا. ليپ ٽاپ ۽ قر?? اسڪيم سان غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا. هن چيو ته هاڻي ٻيهر چونڊجي آياسين ته نوجوانن جي لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪنداسين، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اسان گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين، نوجوانن مان به اميد آهي ته اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اربين رپ??ا فراهم ڪي?? ويا آهن، تاريخ ۾ نوجوانن جي لاءِ پهريون ڀيرو يوٿ اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪي?? ويا، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ به 5 ارب رپ??ا رکيا ويا آهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت پورٽل جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان نوجوانن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سي پيڪ نواز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو گڏيل ويزن هو، نوجوان اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن، مسلم ليگ (ن) ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي.