اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ??تم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي من??ي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ان ??وضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان ??دم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿين??يو??. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي ر??ضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان ??عاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ر??بطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.