اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان ??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سف??ر نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي سف??ر کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سعودي سف??ر کي سعودي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي و??ڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي و??ائڻ گهرجي. سعودي سف??ر ٻنهي ڀائر ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.