اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان (اڄ) سوئٽزرلينڊ جو پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفي?? ميڊيا ونگ مطابق وزيراعظم ۽ سوئس پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون وينديون. وزيراعظم محمد شهباز شري?? جي پاڪستان ۾ ڊيزاسٽر منيجمنٽ کي بين الاقوامي معيار جهڙو بڻائڻ جي ويزن تحت پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيون هڪ اهم قدم آهي. مفاهمتي يادداشت تي صحين کانپوءِ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن جي امڪاني نقصانن جي اڳڪٿي، فوري امدادي ڪاروائين ۽ بحالي جي قدمن ۾ سهڪار کي هٿ?? ملندي.