لاهور – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فنڪار اسان جي سڃاڻپ ۽ قومي اثاثو آهن، ملڪي ثقافت جي فروغ ۽ قومي تشخص کي پروان چڙهائڻ ۾ فنڪ??رن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل فلم، اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽن سان ڳالهائيندي چئي. فنڪ??رن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ ۽ هيلٿ انشورنس جي لا??ِ وڏي رقم رکڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. هنن وزيراعظم شهباز شريف ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي ڪوششن تي انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تخليقي سوچ جي حوصلا افزائي معاشري جي واڌويجهه جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب ۽ فنڪ??رن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ روشن سڃاڻپ کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. فلمون ملڪ جي ثقافت، تاريخ، ??درن، ورثي ۽ سياحت کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير فنڪ??رن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اڳوڻي دور ۾ فنڪ??رن جا حق غضب ڪرڻ جي ازالي جي خاطري ڪرائي. فنڪ??رن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.