اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سيڙپڪاري بورڊ جي 2 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 1114.760 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پروگرام جي دستاويز موجب پاڪ چين اقتصادي لنگهه انڊسٽريل ڪارپوريشن ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ مئن??جم??نٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 44.368 ملين رپيا جڏ??ن ته سيڪٽر ميپنگ اينڊ ريگيوليٽري ٽرانسفارميشن (سمارٽ) جي لاءِ 150 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جن ۾ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي زمين ۽ فزيبلٽي جي لاءِ 405.632 ملين رپيا ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ون اسٽاپ سر??س قائم ڪرڻ جي لاءِ 514.760 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ان کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 920.392 ملين رپيا رکيا ويا آهن.