اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڏيوالو نه ٿيندو، حڪومت ڊسمبر تائين سمورين پرڏيهي ادائيگين کي يقيني بڻايو آهي، گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي 24 هين وڏي معيشت کي 47 هين جي پوزيشن تي پهچايو ويو، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي ۽ معاشي اوسر جي سفر کي ٻيهر شروع ڪيون، ان لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واريون ??ال??سيون جوڙيون ويون آهن، جامع ۽ پائيدار اقتصادي اوسر لاءِ پرعزم آهيون. اها ڳالهه هن نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن ۽ اسلام آباد ??ال??سي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ رٿيل اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ تحت پاڪستان جي اقتصادي چئلينجز جي موضوع تي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي اقتصادي سلامتي سان جڙيل آهي، اقتصادي سلامتي قومي دفاع ۽ پائيدار اوسر لاءِ به اهميت ??کندڙ آهي، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان اهم جاگرافيائي بيهڪ رکندڙ ملڪ آهي، پاڪستان پنهنجو ڌيان جيو ??ال??ٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ڏئي رهيو آهي، پاڪستان هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ان لاءِ اقتصادي سفارتڪاري کي اهميت ڏني پئي وڃي، اسان علائقائي رابطن کي ترقي ڏيڻ کي ضروري سمجهون ٿا ان مقصد لاءِ علائقائي امن ضروري آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ ايس سي او، سارڪ ۽ اي سي او سميت ??مورن علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارمز تي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هي عالمگير اقتصادي شراڪتداري جي حوالي سان اهم منصوبو آهي ۽ ان سان ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سماجي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي . ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ روس يوڪرين جنگ، چين آمريڪا واپاري تڪرارن، گهٽ شدت جي تڪرارن ۽ ڪووڊ کانپوءِ جي صورتحال سبب عالمي سطح تي معيشتن تي اثر پيا آهن، ان سان پاڪستان سميت پوري دنيا خاص ڪري اسرندڙ ملڪن ۾ قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ عوامي مشڪلاتون وڌيون آهن. هن ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ مفاهمت ۽ معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ ان کي خطي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته چين هن معاهدي ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي، ماضي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شيف ۽ اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جون ڪوششون ڪيون هيون، هن چيو ته اقتصادي، سماجي ماحولياتي پائيداريت لاءِ اقتصادي ترقي ۽ اوسر ضروري آهي، پاڪستان اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا آهن. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي کان بري طرح متاثر ٿيا آهن، پاڪستان ان صورتحال جي روشني ۾ غذائي سلامتي لاءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، زراعت، واٽر مينيجمينٽ ۽ وسيلن کي گڏ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. حڪومت جامع ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۽ اوسر کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن حڪومت کي ورثي ۾ ملندڙ مشڪلاتن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته موجوده اتحادي حڪومت کي ڳرا مالياتي خسارا، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۽ ڳرا واپاري خسارا ورثي ۾ مليا آهن، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي کي ٽوڙيو جنهن سان ملڪي مسئلن ۾ اضافو ٿيو، اڳوڻي حڪومت 39.7 ارب ڊالرن جو واپاري خسارو ۽ 17.4 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇڏيو آهي، ان س??ن گڏ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ٿي، اڳوڻي حڪومت قرضن ۾ خاطر خواه اضافو ڪيو ۽ ان سان 45 ارب ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيو، ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت اڳوڻي حڪومت طرفان ڇڏيل مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي هئي ته ان دوران تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي جنهن اسان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. جڏهن ته ناڻي واري وزير چيو ته انهن مشڪلاتن باوجود حڪومت قومي معيشت ۽ عوامي فلاح۽ بهبود لاءِ پرعزم آهي، حڪومت پنهنجي سياسي اثاثي جي قيمت تي ملڪي ۽ رياستي مفادن ۾ مشڪل فيصلا ڪيا، ڇاڪاڻ ته رياست سياست کان وڌيڪ اهميت ??کندڙ آهي، غير بجيٽي سبسڊيز جو خاتمو ڪيو ويو، توانائي جي شعبي ۾ سبسڊيز ختم ڪيون ويون، ناڻي ۽ مالي استحڪام تي ٻڌل ??ال??سيون متعارف ڪرايون ويون، اسان عوامي مشڪلاتن کان چڱي ريت ??گاهه آهيون ۽ انهن مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت جي ??ال??سين سبب ايف بي آر جي روينيو ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۽ واپاري خساري ۾ نماي??ن گهٽتائي ٿي، مارچ ۾ پرائمري بيلنس فاضل ٿي ويو آهي، حڪومت جامع ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن ۾ پرعزم آهي، ان س??ن گڏ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۾ اضافو، آمدني واپار جي حوصلا شڪني، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ روينيو ۾ اضافو، ايس ايم ايز ۽ زراعت جي شعبي تي اسان جي توجهه آهي، زراعت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، زرعي اوزارن تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، 17 ارب روپين کان وڌيڪ جو آبادگار پيڪيج ڏنو ويو آهي، ان سبب هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نمايان وڌا ٿي آهي. حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني لاءِ جامع قدم کنيا ويا آهن، سيڙپڪاري لاءِ قانون ۽ ??ال??سيون متعارف ڪرايون ويون آهن، روانگي واپار جي صنعتن لاءِ رياعتي ڏنيون ويون ۽ کين چٽاڀيٽي واري قيمت تي توانائي فراهم ڪئي پئي وڃي، حڪومت سرڪاري ڪاروباري ادارن کي لاڀائتو بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ان س??ن گڏوگڏ حڪومت معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ 400 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جون 2018ع جون ??ال??سيون جاري هجن ها ته ملڪي معيشت نمايان ترقي ڪري ها. گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي 24هين وڏي معيشت کي 47 هين نمبر تي پهچاي ويو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي ۽ معاشي اوسر جو سفر ٻيهر شروع ٿئي، ان لاءِ مختصر، وچولي، ڊگهي مدي وارون ??ال??سيون جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته اسان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿا ڪري سگهون، اسان ماضي ۾ هڪ طرف دفاعي بجيٽ کي 500 ارب کان وڌائي 1100 ارب روپين تي پهچايو هو ان س??ن گڏوگڏ پي ايس ڊي پي ۾ پڻ نمايان اضافو ڪيو هو، پاڪستان ايٽمي ۽ ميزائيل قوت آهي ۽ هي ڊيٽرنس ضروري هو.