اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان جو آئين اسان جي آزادين جو ضامن آهي، ??عاشري ۾ بدامني ۽ فاشزم درست عمل ناهي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي طرح اسان جو آئين اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي آزادين لا??ِ ڪم ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي وري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هي فخر جوڳي ڳالهه آهي ته اسان آئين پاڪستان جي ان اهم تقريب ۾ هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هن ڪنوينشن ۾ شريڪ سمورن ملڪن کي هڪجهڙن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، اسان کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندي انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لا??ِ قدم کڻڻا پوندا. بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رستي تي هلي رهيو آهي، آصف علي زرداري 11 سال جيل ڪ??ي، بينظير ڀٽو انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو ۽ شهادت ماڻي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي ڪراچي کان خصوصي شرڪت تي شڪر گذار آهيان، راجا پرويز اشرف چيو ته هي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اوهان آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي ڪيتري اهميت ڏيو ٿا، هن آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي لا??ِ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿيا، ان جمهوريت جي مضبوطي لا??ِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 11 سال جيل ڪٽي، ??حترمه بينظير ڀٽو آخري دم تائين جمهوريت لا??ِ جاکوڙيندي رهي. هن چيو ته اسان سياسي انتقام نه پر جمهوريت بهترين انتقام جي نعري سان اڳتي وڌيا سين، هن تقريب دوران ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ هڪ بنياد آهي، حقن جو مضبوط قلعو آهي، ??اشز اسان جي معاشري ۾ گهڙي چڪو آهي ان جو خاتمو اهڙي آئين تي عملدرآمد ۾ ئي ممڪن آهي، ??اڪستان جو آئين پاڪستاني عوام لا??ِ مشعل راهه آهي. اسپيڪر چيو ته دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، معاشي آزادي، انصاف ۽ ماحولياتي انصاف لا??مي مسئلا آهن، بي شمار مشڪلاتون آهن جن کي پار ڪرڻو آهي ان لا??ِ اسان کي ان طرف سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي، ??ن سمورن اهم مسئلن طرف اسان ٻن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته جمهوريت ڳالهين جو نالو آهي، ??ختلف خيال رکندڙن جو گڏجي ويهڻ جو نالو آهي، ??وجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن مهمانن کي ڪجهه مشڪلاتون آيون ته ان تي اوهان سڀني کان معذرت خواه ۽ اوهان جا شڪر گذار آهيون.