اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعو?? تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏ??هي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن ??يو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعو?? تي 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏ??هي وزير جو عراق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏ??هي وزير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو. عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليند??. پ??ڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏ??هي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.