اسلام آ??اد – 10 – مارچ (اي پي پي) پ??ڪس??ان ڀارت پاران 9 مارچ 2022ع ??ي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پ??ڪس??اني سرزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع تي ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پ??ڪس??اني حدن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سا?? انساني جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ا?? ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن جي لاءِ پڪي عزم جو ثبوت آهي. ڀارت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي غلط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني خامين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي حڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريقي سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پ??ڪس??ان جي مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پنهنجي اندروني جاچ جا نتيجا به پ??ڪس??ان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀارت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ا?? ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.