اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت ??ذم?? ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪ??رروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي جو سخت نوٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپو??ٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪ??رروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ث??اء?? الله خان کي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري رياستي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪ??اچي کي نشانو بڻايو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪند?? ادارن جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي.