اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملا??ات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لا??اڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي ??عل??ٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملا??ات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي ل??ءِ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.