اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سي پي?? تحت اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ برآمدا??ي صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ چين کان سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حڪمت عملي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم سي پي?? جي وقت سر تڪميل کي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ برآمدا??ي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سي پي?? تحت برآمدا??ي صنعتن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري تي جائزه اجلاس ٿيو.