اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته ڪورون?? تي سياست نٿا ڪرڻ چاهيون پر نون ليگ جي ليڊ??شپ پنهنجي پاڙيسري دوستن جي نقش قدم تي هلندي ڪورونا ايس او پيز جون ڌڄيون اڏائي ته ان جي ڀرپور مذمت ڪرڻ فرض آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الله اسان کي احتياط جي ڪري محفوظ رکيو آ??ي، اهڙين غلط ۽ غير محتاط حرڪتن سان توهان جي سياست زنده نه ٿيندي صرف ڪورونا پکڙجندو.