اسلام آ??اد – 02 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 83 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هز??ر 234 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آ??اد ۾ 50 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 87 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 50 هز??ر 170 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هز???? 913 پنجاب ۾ 23 هز??ر 39، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هز??ر 574، اسلام آ??اد ۾ 7 هز??ر 872، بلوچستان ۾ 590، گلگت بلتستان ۾ 272، آزاد ڪشمير ۾ 910 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 7 هز??ر 205 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 421 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هز??ر 347 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 78 هز??ر 165 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هز??ر 984، بلوچستان ۾ 19 هز??ر 610، گلگت بلتستان ۾ 5 هز??ر 45، اسلام آ??اد ۾ 59 هز??ر 401، خيبرپختونخواهه ۾ 89 هز??ر 255، پنجاب ۾ 2 لک 25 هز??ر 953 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 65 هز??ر 917 مريض آهن.